اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف ??نش??رنس ڪارپوريشن آف پاڪستان پاران داخل ٽن جدا جدا اپيلن کي رد ڪن??ي شڪايت ڪن??ڙن کي 32 لک رپين کان وڌيڪ جا ??نش??رنس ڪليمز ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي اندر عملدرآمد جي رپورٽ وفاقي محتسب کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اسٽيٽ لائيف ڄاڻي واڻي بيماريون لڪائڻ جي الزام تي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي رقم ??دا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٽنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي ان لاءِ هو ٽنهي شڪايت ڪن??ڙن کي ??نش??رنس ڪليمز جي ادائيگي ڪري. ايوان صدر جي پ??يس ونگ موجب ٽن شڪايت ڪن??ڙن بشمول ثمينه شهزادي، محمد محفوظ ۽ سيتا جي خاندان جي ماڻهن اسٽيٽ لائيف ??نش??رنس ڪارپوريشن کان ترتيبوار 29 لک، 198290 ۽ 192000 رپين جون ??نش??رنس پاليسيون حاصل ڪيون هيون. پاليسي هولڊرز جي فوت ٿيڻ کانپوءِ اسٽيٽ لائيف شڪايت ڪن??ڙن کي م??ت جي بيمي جي ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. شڪايت ڪن??ڙن ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن انهن جي حق ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيا. بعد ۾ اسٽيٽ لائيف ??نش??رنس ڪارپوريشن آف پاڪستان محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر وٽ جدا جدا درخواستون داخل ڪيون، جن کي صدر رد ڪري ڇڏيو. شڪايت ڪن??ڙ ثمينه شهزادي جي معاملي ۾ صدر قرار ڏنو ته ان جي فوتي مڙس (محمد سعيد احمد) جي موت اسٽيٽ لائيف ??نش??رنس ڪارپوريشن جي دعويٰ جي ابتڙ دماغ جي ٽيومر سان نه پر ڪوويڊ 19 جي ڪري ٿي هئي. محمد محفوظ جي معاملي ۾ صدر نشاندهي ڪئي ته پاليسي ان جي ڀيڻ (چاند بي بي) کي 26.12.2018 تي جاري ڪئي وئي هئي ۽ اها پاليسي حاصل ڪرڻ جي 3 سال ۽ 7 مهينن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ 19.12.2021 تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي. اهڙي طرح سيتا جي معاملي ۾ قرار ڏنو ويو ته ان جي مڙس کي 31.12.2018 تي پاليسي جاري ڪئي وئي هئي جيڪو پاليسي حاصل ڪرڻ جي 2 سال ۽ 2 مهينن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ 17.03.2021 تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ??نش??رنس آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 80 موجب آرڊيننس جي شروعات جي تاريخ کانپوءِ لائيف ??نش??رنس جي ڪنهن پاليسي تي ٻن سالن جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ سوال نه ٿو اٿاري سگهجي جڏهن ته انهن ٻنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف جي فيلڊ آفيسرن جي ڳجهي رپورٽس پاليسي جاري ڪرڻ وقت پاليسي هولڊرز کي صحتمند قرار ڏنو هو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٽنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، ان لاءِ ان جي اپيلن کي رد ڪيو وڃي ٿو تنهن ڪري اسٽيٽ لائيف ٽنهي شڪايت ڪن??ڙن کي م??ت جي بيمن جي رقم ??دا ڪري.