گوانتانامو بي حراستي مرڪز مان ٻن پاڪستاني شهرين کي آزاد ڪري وطن واپس موڪليو ويو آهي: پرڏيهي آفيس

image

اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته گوانتانامو بي حراستي مرڪز مان ٻن پاڪستاني شهرين کي آزاد ڪري وطن واپس موڪليو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻن پاڪستاني شهرين محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جيڪي گوانتانامو بي جي حراستي مرڪز ۾ قيد هئا، کي آزاد ڪري 24 فيبروري تي پاڪستان واپس موڪليو ويو آهي. بيان موجب پرڏيهي وزارت محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جي وطن واپسي کي آسان بڻائڻ جي لاءِ هڪ وسيع انٽر ايجنسي جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان چيو ته اسان کي خوشي آهي ته اهي پاڪستاني شهري آخرڪار پنهنجي خاندان سان مليا آهن.

مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات
متعلقہ مضامین
مزید خبریں