اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ داخل درخواست کي کيسا ڀريندڙ گروهه جي جيل ڀريو تحريڪ جي پهرين قسط قرار ڏئي ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان جي اسلام آبا?? جي عدالتن ۾ حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون رد ٿيڻ کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪرڻ تي اهو تبصرو ڪيو. واضح رهي ته اڳوڻي وزير??عظ?? عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ عمران خان چيو ته اڳوڻو وزير??عظ?? ۽ ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي جو سربراهه آهيان، زخمي هجڻ ج?? ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيس.