جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، ٻوڏ سان نه رڳو انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو پر ملڪي معيشت به بر?? طرح متاثر ٿي، لکين گهر ٻوڏ ۾ وهي ويا، تعليمي ادارا تباهه ٿي ويا ۽ زراعت ختم ٿي وئي، مشڪل وقت ۾ مدد ڪندڙ ملڪن کي پاڪستان نه وساريندو، ٻوڏ متاثري?? جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ وڏي پئماني تي امداد جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثر علائق?? جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي حوالي سان ”ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان“ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چي?? ته هن ڪانفرنس جي ميزباني ۽ ان کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، مون کي خوشي آهي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس مون سان گڏ هن ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪري رهيو آهي جهڙي طرح ٻوڏ کانپوءِ هن پاڪستا?? جي عوام جي احساسن ج?? ترجماني ڪئي ۽ مشڪ??ات?? کي اجاگر ڪيو، ان تي پاڪستا?? جي عوام پاران سندس ٿورا مڃان ٿو. ٻوڏ کانپوءِ گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل سنڌ ۽ بلوچستان سميت ٻوڏ سان شديد متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ وسيع پئماني تي ٿيندڙ تباهي جو پاڻ جائزو ورتو، پاڪستا?? جي ٻوڏ متاثر عوام مشڪل وقت ۾ ا?? جي ڪردار ۽ خدمتن کي سدائين ياد رکندي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، 33 ملين ماڻهو شديد متاثر ٿيا جڏهن ته ٻارن سميت 1700 ماڻهو ٻوڏ ۾ فوت ٿيا، ٻوڏ ريلن ۾ ڪيترائي لک ۽ هزارين ڪلوميٽر رستا وهي ويا، 10 لک ٻارڙين سميت 26 لک ٻارن جو تعليمي سلسلو ڪٽجي ويو، مشڪل ترين وقت ۾ گڏيل قومن، ورلڊ بئنڪ، ايشيائ?? ترقياتي بئنڪ، وچ اوڀر ۽ يورپي ملڪن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اسا?? جي مدد ڪئي، آئون انهن سڀني جا ٿورا مڃان ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته پاڪستان اڃا تائين ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان ٻاهر ناهي نڪتو ۽ متاثر علائقن ۾ ريليف جو ڪم جاري آهي، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي اڃا به بيٺل آهي، ان کي ڪڍڻو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ضرورت آهي. هن چي?? ته پاڻي بيهڻ سان زراعت به شديد متاثر ٿي آهي ۽ فصل پوکي نه ٿا سگهجن، اسان کي متاثر خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي ۽ پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل بڻائڻو آهي. وزيراعظم چي?? ته ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي جيڪو پاڪستا?? جي جي ڊي پي جو 8 سيڪڙو آهي، 90 لک ماڻهو غربت جي ڌٻڻ ۾ دٻجي ويا آهن. هن چي?? ته پاڪستا?? جي حڪومت متاثري?? جي فوري مدد ۽ بحالي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي، 20 هزار ٽروپس، سوين هيلي ڪاپٽرز ۽ ٻيڙين ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو ۽ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل عوام کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو، 2.7 ملين خاندانن کي 400 ملين ڊالر جي ڪيش گرانٽ ڏني پئي وڃي. وزيراعظم چي?? ته هو ڪانفرنس جي سمورن شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃي ٿو. انهن پاڪستاني عوام جو ڏک محسوس ڪيو. وزيراعظم چي?? ته اڄ اسان تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺل آهيون، پاڪستان کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڪري تمام مشڪل چئلينجز درپيش آهن، ٻوڏ متاثرين جون زندگيون بدلجي ويون آهن، حڪومت انه?? جي ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ٺوس منصوبو جوڙيو آهي، اسان کي ان سلسلي ۾ عالمي برادري جي مدد گهربل آهي، ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڪري پاڪستا?? جي معاش?? ترقي جي رفتار پڻ بر?? طرح متاثر ٿي آهي، پاڪستان اڪيلو ان تباهي سان ٿيندڙ اثرن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هن مشڪل صورتحال ۾ عالمي برادري پاڪستا?? جي ڀرپور مدد ڪندي.