اسلام آباد– 14 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي پنهنجي ذاتي فائدي جي لاءِ ملڪ جي سفارتي لاڳاپن کي نقصان پهچايو، سندس مڪاري ۽ ڪوڙ سان قومي اعتماد کي پڻ نقصان پهتو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران نيازي جو ??نانشل ٽائيمز کي انٽرويو، جنهن ۾ هن پنهنجي غيرملڪي سازشي ٿيوري کي پاڻ ئي رد ڪيو آهي ان شيطاني ڪردار جي ياد ڏياري ٿو جيڪو هن پنهنجي ذات?? سياست جي پيروي ڪندي پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ ۾ ادا ڪيو هو. هن چيو ته عمران نيازي جي مڪاري ۽ ڪوڙ سان پ??ڪستان کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي جنهن تي قوم حيران آهي.