اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي ميدان خوني ميدان نه بڻجڻ گهرجن، پاڪستان جي سياست اه??ن واقعن کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، جيستائين پنجاب حڪومت، پنجاب جي وڏي وزير ۽ پنجاب پوليس پاران واقعي جي حتمي رپورٽ جاري نه ٿي ٿئي، غيرضروري بيانن ۽ قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي، اسان جي لفظن جي چونڊ تمام اهم هوندي آهي، اه??ا لفظ استعمال نه ڪيا وڃن جيڪي اشتعال جو سبب بڻجي سگهن ٿا، پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان، سي??يٽر فيصل جاويد ۽ ٻين زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۾ افس??سن??ڪ واقعو پيش آيو، ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، واقعي ۾ عمران خان ۽ سي??يٽر فيصل جاويد زخمي ٿيا، انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته ميڊيا رپورٽس موجب عمران خان کي ڪنٽينر کان اسپتال آندو ويو آهي، جتي ان جي سي ٽي اسڪين ٿي رهي آهي. هن چيو ته سياسي ميدان خوني ميدان نه بڻجڻ گهرجن، اسان اه??ي قسم جي سياست جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف راڻا ثناءُ الله کي چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ آءِ جي پنجاب کان فوري طور تي رپورٽ طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي حڪومت واقعي جي جاچ ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته واقعو پنجاب حڪومت جي حدن ۾ ٿيو، پنجاب جي پوليس، پنجاب جي انتظاميا، پنجاب جي انٽيليجنس ان واقعي تي پنهنجي رپورٽ ڏين، پنجاب جي وڏي وزير کي گهرجي ته هو واقعي جي رپورٽ طلب ڪري. هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ميڊيا تي اچي پنهنجي حڪومت ۽ پنجاب جي اندر ان واقعي جي حوالي سان حقيقتن کان عوام کي آگاهه ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فائرنگ ڪندڙ شخص گرفتار ٿي چڪو آهي، ان تسليم ڪيو آهي ته هن عمران خان کي گولي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس ان جو بيان رڪارڊ ڪري رهي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب پوليس فوري طور تي واقعي جي جڳهه کي سي?? ڪري، اتان ئي جاچ جي شروعات ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ جي واقعي مان سبق ??کڻ گهرجي، اه??ن واقعن تي سياست نه ڪئي وڃي. هن چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جي هڪ ذميوار عورت انتهائي غيرذميواراڻو بيان ڏنو ته راڻا ثناءُ الله حملو ڪرايو آهي. هن چيو ته اه??ن روين ۽ غيرذميواراڻن بيانن جا اثر عوام کي ڀوڳڻا پون ٿا. هن عمران خان، فيصل جاويد ۽ ٻين زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ انهن کي جلد کان جلد صحتيابي فرمائي. هن چيو ته پاڪستان جا سياسي ميدان خوني ميدان نه بڻجڻ گهرجن، اسان کي پنهنجي روين ۽ ذميواري سان ان کي صحيح ڪرڻو آهي. هن چيو ته پنجاب حڪومت کي گهرجي ته اها فوري طور تي حقيقتون ۽ شروعاتي جاچ عوام تائين پهچائي. هن چيو ته پنجاب حڪومت کي به ٻڌائي ڇڏيو آهي ته واقعي جي جاچ ۾ ڪنهن به قسم جو تعاون گهربل هجي، فراهم ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اه??ن بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جن سان وڌيڪ انتشار پکڙجڻ جو انديشو هجي. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي.