اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪ??ري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت ڪشمير ڪاز کي دٻا??ي نه ٿي سگهي، هي سفر ڪشمير جي آزادي تي ئي ختم ٿيندو. ڪشمير جي حوالي سان ڪ??ري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته 75 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ظالم ڀارتي فوج غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو هو، جتي هاڻي 10 ڪشميرين تي هڪ ڀارتي فوجي مڙهيل آهي. هن چيو ته پاڪستان 7 ڏهاڪن کان ج??ري ڪشميري عوام جي آزادي جي سفر ۾ شيهي جي ديوار وانگر انهن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته آزادي جي جدوجهد ۾ جهڙي طرح ڪشميرين قربانيون ڏنيون، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته ڪشميرين ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڀارت ??اقت جي وحشياڻي استعمال سان انهن جي حريت جي جذبي کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي. پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ج??ري رکندو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جي خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي.