اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قوم?? جي جنرل اسيم??لي ۾ منهنجي تقرير جو بنيادي مقصد دنيا کي اهو باور ڪرائڻ هو ته جيڪا موسمياتي آفت دنيا کي درپيش آهي جيڪڏهن ا?? جي خاتمي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جون تباهيون پاڪستان تائين محدود نه ره??دي??ن، دنيا تي واضح ڪيو ته پاڪستان ڀارت سان پرامن ۽ سٺن پاڙيسري لاڳاپن جو خواهشمند آهي ان لاءِ ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جو هڪطرفو قدم واپس وٺي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قوم?? جي جنرل اسيم??لي ۾ منهنجي خطاب جو خلاصو اهو هو ته دنيا خبردار رهي ته انسانيت کي ڪهڙا خطرا درپيش آهن، پاڪستان اڄڪلهه جنهن موسمياتي آفت کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪڏهن فوري طور تي ا?? جي خاتمي لاءِ قدم نه کنيا ويا ته اهو سلسلو پاڪستان تائين ئي محدود نه رهندو پر اهو انسانيت جي لاءِ همدردي ۽ ڳڻتي جو پهلو آهي. وزيراعظم چيو ته اسا?? جي پرڏيهي پاليسي جي لاءِ درپيش اهم مسئلن تي پاڪستان جو موقف بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ مون دنيا تي واضح ڪيو ته پاڪستان ڀارت سان پرامن ۽ سٺن پاڙيسري لاڳاپن جو خواهشمند آهي ا?? جي لاءِ ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي قدم ۽ ان کانپوءِ آبادي جي تناسب جي تبديلي سميت ٻيا کنيل قدم روڪڻا پ??ندا.