اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??ر??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته قابل تجديد توانائي ئي پاڪستان جو مستقبل آهي، متبادل توانائي جو استعمال ڪندي سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي جنهن سان عوام تي مهانگائي جو بار به گهٽ پوندو. وز??ر??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??ر??عظ?? اهڙن خيالن جو اظهار چيني ڪمپني زونرجي جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. وفد جي قيادت ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ زونرجي ڪارپوريشن جي صدر رچرڊ جي گائو ڪئي. وز??ر??عظ?? چيو ته پاڪستان جي درآم??ي جو وڏو حصو بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ مهانگو ٻارڻ درامد ڪرڻ ۾ خرچ ٿئي ٿو، ان پرڏيهي ناڻي کي بچائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان قابل تجديد توانائي جي استعمال طرف وڌون. وز??ر??عظ?? چيو ته شمسي توانائي منصوبن جي حوالي سان اربع ڏينهن هڪ پري بڊنگ ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهي آهي. وز??ر??عظ?? چيو ته پاڪستان ۽ چين بهترين دوست آهن، چين هر داخلي ۽ پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جيڪو چين جي وسيع تر منصوبي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو حصو آهي، جي ذريعي چين پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير، صنعت ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. وز??ر??عظ?? چيو ته اسان قائد??عظ?? سولر پاور بهاولپور جو 300 ميگاواٽ جو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ پورو ڪيو هو ۽ اسان جي اڳتي به اه?? ئي ڪوشش رهندي ته اسان قابل تجديد توانائي خاص طور تي سولر، ونڊ انرجي جي حوالي سان سيڙپڪاري کي فروغ ڏيون. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وز??ر چوڌري سالڪ حسين، منصوبابندي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال، توانائي واري وفاقي وز??ر انجنيئر خرم دستگير، قانون واري وفاقي وز??ر سينيٽر ??عظ?? نذير تارڙ، وز??ر??عظ?? جي خاص ??ددگار ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ فهد حسين شرڪت ڪئي. زونرجي ڪارپوريشن پاران وز??ر??عظ?? کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ عطيو ڪيو ويو.