اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي ٻوڏ متاثرن جي مثالي حمايت تي ٿورو مڃيندي چيو آهي ته هو ٻوڏ متاثرن جي ڏکن جو آواز بڻجي ويو آهن. پاڪستان کي ان چيلنج کي منهن ڏ??ڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت ??هي. پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش طرفان ٻوڏ متاثرنجي مثالي حمايت تي سندس ٿورو مڃيون ٿا، سندس ٻن ڏينهن وارو اهو دورو ان انساني سانحي بابت سڄي دنيا ۾ آگاهي ڦهلائڻ لاءِ نهايت اهم رهيو. سندس همدردي ۽ قائداڻين خصوصيتن مونکي متاثر ڪيو. پاڪستان کي ان چيلنج کي منهن ڏ??ڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت ??هي. هن چيو ته شديد گرمي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ امدادي ڪيمپس جي دوري دوران گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ ٻوڏ جون تباهيون ڏسي حيران رهجي ويو. هو ٻوڏ متاثر جي ڏکن جو آواز بڻجي ويو ??هي. دنيا کي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان سندس ڳالهه ٻولهه ??ي ڌيان ڏيڻ گهرجي.