اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت ??سٽ??نڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو چيو آهي ته 5 آ??سٽ 2019ع مهذب دنيا جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت عالمي قانونن، اخلاقيات کي پيرن هيٺان لتاڙيو هو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ سڀئي بنيادي انساني حق معطل ۽ ڪشميرين جي مذهب??، سماجي ۽ سياسي حقن تي بدترين پابندي لڳل آهي. مهرين رزاق ڀٽو چيو ته ڀارتي فورسز ڪشميري عورتن سان جنسي زيادتين کي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي. ڪشميري عالمي دنيا، انساني حقن جي عالمي ادارن جي ڌيان جا منتظر آهن. ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. ڪشمير ??سئلي جو پرامن حل خطي جي مستقل امن جو ضامن آهي، گڏيل قومون ڪشمير ??سئلي بابت پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائين.