اسلام آباد – 07 8211; مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سينيئر صحافي خالد حميد فاروقي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظه??ر ڪندي چيو آهي ته هو هڪ محنتي ۽ پنهنجي پيشي سان عشق ڪندڙ صحافي هو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته خالد حميدفاروقي جو لاڏاڻو صحافت جي شعبي جو وڏو نقصا?? آهي، سندس صحافتي خدمتن کي ??دائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي ??نت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونيئرن کي ??بر جميل عطا فرمائي.