اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ??ه وزيراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جيڪا جيلن ۾ قيدين جي سهولت ۽ مجموعي نظام جي بهتري لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙيندي. هن چيو ته ان ڪميٽي ۾ چئني صوبن جي نمائندي ڪندي آفيسر شامل هوندا. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا مڪمل ڪري وٺن انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ ۾ هر ??مڪ?? سرپرستي حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. هن چيو ته وزيراعظم ڪوٽ لکپت جيل عملدارن کي خص??صي هدايت ڪئي ته قيدين جي سهولت لاءِ دستياب ذريعن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن قيدين جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ وزيراعظم قيدين جي کاڌي پي??ي ۽ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم قيدين جي هنرسازي جي لاءِ پڻ دستياب ذريعن کي موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي خص??صي هدايت ڪئي ته جيئن قيدي پنهنجي سزا جو وقت مثبت انداز ۾ پورو ڪري سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا کانپوءِ معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان تيار ڪري سگهن. پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جوهر ٽائون ۾ قائم رمضان بازار جو اوچتو دورو ڪيو ۽ عوام کي رمضان مهيني ۾ کاڌي پيتي جي شين جي گهٽ قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي خص??صي هدايت ڪئي.