اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) اليڪ??ن ڪميشن چيو آهي ته ڪميشن کي تڪبندين لاءِ چار مهينا جڏهن ته عام چونڊن لاءِ وڌيڪ 3 مهينا گهربل هوندا، اليڪ??ن ڪميشن آڪٽوبر 2022ع تائين صاف شفاف عام چونڊون منعقد ڪرائي سگهي ٿي. اليڪ??ن ڪميشن پاران صدر پاران چونڊن جي تيارين جي حوالي سان لکيل خط جي جواب ۾ صدر کي لکيل خط ۾ اليڪ??ن ڪميشن چيو آهي ته اليڪ??ن ڪميشن هڪ آزاد ??ئي??ي ادارو آهي جنهن جي ??ئي??ي ذميداري چونڊون منعقد ڪرائڻ آهي جيڪا ان کي ??ئي?? جي آرٽيڪل 218 (3) تحت حاصل آهي، چونڊن لا??ِ تڪبنديون هڪ بنيادي قدم آهي، چونڊ قانون 2017ع جي سيڪشن 17 ۽ ??ئي?? جي آرٽيڪل 51 (5) تحت آخري آدم شماري جا سرڪاري انگ اکر جاري ٿيڻ کانپوءِ آبادي جي بنياد تي تڪ بنديون ڪرائڻ اليڪ??ن ڪميشن جي ذميداري آهي، ڇهين آدمشماري جنهن جو انعقاد 2017ع ۾ ٿيو هو ان جا انگ اکر 3 جنوري 2018ع تي جاري ڪيا ويا جنهن جي بنياد تي آرٽيڪل 51 (5) ۾ ترميم جي ذريعي هڪ ڀيري لا??ِ تڪ بندين جي اجازت ڏني وئي جنهن جي بنياد تي 2018ع جي عام چونڊن لا??ِ تڪبنديون ڪيون ويون، خط ۾ چيو ويو آهي ته 25 هين ??ئي??ي ترميم تحت فاٽا کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون گهٽ ٿي ويون آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي جُون سيٽُون 272 کان گهٽجي 266 ٿي ويون آهن ان جي ڪري نيون تڪ بنديون لازمي آهن تنهن هوندي به ايئن ان وقت ??ائين ممڪن نه آهي جيستائين پاڪستان بيورو آف شماريات پاران آدمشماري جا سرڪاري نتيجا جاري نٿا ڪيا وڃن، خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ان کان اڳ اهو فيصلو ڪيو ته ڊجيٽل آدمشماري جو انعقاد ڪرائي ويندي جنهن کانپوءِ اليڪ??ن ڪميشن پاران سيپٽمبر 2021ع ۽ جنوري 2022ع تي پارليماني معاملن واري وزارت کي ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن جي ڇپائي ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٻه ڀيرا خط لکيو ويو، ڊجيٽل آدمشماري جو اهو منصوبو مارچ 2023ع ۾ مڪمل ٿيڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي، اليڪ??ن ڪميشن کي هن وقت ??ائين لاڳاپيل وزارتن پاران ڪو به جواب ناهي مليو جنهن جي ڪري تڪ بندين ۾ دير ٿي رهي آهي، اليڪ??ن ڪميشن چونڊن جي انعقاد لاءِ پرعزم آهي تنهن هوندي به وڌيڪ چار مهينا تڪ بندين لاءِ گهربل هوندا، چونڊن جو ايمانداراڻو، شفاف ۽ منصفاڻو انعقاد آڪٽوبر 2022ع تائين ممڪن آهي، اليڪ??ن ڪميشن صدر سان وڌيڪ غور لاءِ ملاقات جي به درخواست ڪئي آهي.