لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ملڪ صنعتي ترقي سان ??ڳتي وڌي ٿو، حڪومت صنعتن جي لاءِ مراعتون ڏئي رهي آهي، ماضي ۾ روانگي واپار جي فروغ تي ڌيان نه ڏ??و ويو، اسان ??و ڌيان ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن تي آهي، ايس ايم ايز جي لاءِ مراعتون ڏئي رهيا آهيون، سمنڊ پار پاڪستانين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن انڊسٽريل پئڪيج جي حوالي سان ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي جو لاڳيتو جائزو وٺندو رهندو آهيان، ڪاروباري طبقي جي لاءِ پئڪيج جو اعلان ??مام اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته صنعتي ترقي جي بنياد تي ملڪ اڳتي وڌندا آهن. ماضي ۾ پاڪستان وڏي تيزي سان ??رقي ڪري رهيو هو. 70ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ نيشنلائيزيشن سان نقصان ٿيو، سوشلسٽ مائنڊ سيٽ موجب صنعتن کي منافعو ڪمائڻ جي اجازت نه هجي ته ترقي ڪيئن ٿي سگهي ٿي. دولت جي پيداوار سان ??ي ملڪ ترقي ڪندو آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومتون ملڪ جي معيشت صحيح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون. پرڪشش مراعتن جي بنياد تي سيڙپڪاري راغب ٿئي ٿي. حڪومت ۾ ايندي ئي اسان ??ي پهرين ترجيح ملڪ ۾ صنعتي شعبي جو فروغ هو. هن چيو ته ايمنسٽي جي عمل سان ??نعتي شعبي کي سڌوسنئون فائدو پهچڻ گهرجي. وزيراعظم روانگي واپار جي فروغ لاءِ حڪومت جي پاليسين کي اجاگر ڪندي چيو ته ماضي ۾ روانگي واپار جي فروغ تي ڌيان نه ڏ??و ويو. اسان ??و ڌيان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ تي آهي. اسان ??ن حوالي سان پاليسيون کڻي آياسين ۽ ان ??عبي کي مراعتون ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندڙ ملڪن جي درجابندي ۾ پاڪستان ??ي پوزيشن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن. انهن جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪنداسين ۽ مراعتون ڏينداسين. حڪومتي پاليسين جي ڪري اڄ مٽاسٽا جو ناڻو رڪارڊ سطح تي آهي.