بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ سرمائي اولمپڪس راندين جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ??ان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي گڏيل رشتن، دوستي ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ حصيداري کي وسيع پئماني تي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ اهم منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ عملي قدم جاري رکڻ ج?? عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ، خاص طور تي تاريخي ٻطرفي ٽرانزٽ ٽريڊنگ ايگريمينٽ (يو پي ٽي ٽي اي) کي فعال ڪرڻ ۽ ترجيحي واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ج?? اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي حوالي ??ان پاڪستان جي مڪمل حمايت کي پڻ ورجايو ۽ ايندڙ مهينن ۾ ان تي وڌيڪ اڳڀرائي جي لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ج?? لاءِ وزيراعظم سياحت کي وڌائڻ، سڌوسنئون اڏامن جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ، بئنڪنگ رابطن کي مضبوط ۽ ويزا جي طريقيڪار کي آ??ان بڻائڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن تعليم ۽ ثقافت ۾ تعاون ??ان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بابري ورثي بابت گڏيل فلم ۽ ازبڪ زبان ۾ پاڪستاني ڊرامن جي ڊبنگ سميت گڏيل تحقيق ۽ ميڊيا منصوبن تي اڳڀرائي کي تسليم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ استحڪام جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ افغان صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ ج?? لاءِ عالمي برادري پاران افغانستان جي لاءِ اقتصادي ۽ انساني امداد جاري رکڻ ج?? ضرورت تي زور ڏ??و. ??ملي رابطن جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان علائقائي استحڪام ??ان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر ۽ رابطن جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ج?? لاءِ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستاني عوام ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان جي ??ور?? تي سندس استقبال جي منتظر آهي. ٻنهي ڌرين ??ور?? جي ٺوس نتيجن کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.