اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي قرارداد جي متفقه منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته ڀا??ت 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ۽ هڪطرفا قدم واپس وٺي. سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم اها قرارداد پيش ڪئي جڏهن ته مملڪتي وزير علي محمد خان قرارداد پڙهي ٻڌائي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ پاڪستاني عوام جي جذبن جي عڪاسي ڪندي يوم يڪجهتي ڪشمير تي ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ۽ هيروز کي اسلام پيش ڪري ٿو، قرارداد ۾ ڀا??ت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي رد ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڀا??تي حڪومت انهن غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي جيڪي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن جي سنگين ورزي آهن. قرارداد ۾ ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??ت جي انساني ح??ن جي خلاف ورين، جنگي ڏوهن ۽ انساني ح??ن بابت عالمي قانونن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي وئي آهي. 5 آگسٽ 2019ع کان هن وقت تائين سوين بي گناهه ڪشميرين کي شهيد ۽ گرفتار ڪيو ويو آهي، قرارداد ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ڀا??ت جي بدترين ??يا??تي دهشتگردي جي باوجود ڪشميرين کي انهن جي پيدائشي ح??، خودمختياري واري ح?? جي جدوجهد جي جذبي کي ختم نٿو ڪري سگهجي، اها آزادي جي جدوجهد ڪشميرين ۾ مق??ول، مق??مي سطح جي ۽ وڏي پئماني تي موجود آهي. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڀا??تي وزيراعظم مودي ۽ ان جي فاشسٽ پارٽي آر ايس ايس جنهن ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي دهشت طاري ڪري رکي آهي ۽ بي رحماڻي ظلمن ۾ ملوث آهي، ان کي انسانيت جي خلاف ڏوهن تي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. قرارداد ۾ ڀا??تي حڪومت تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تلاشي ۽ گهيراءُ جي ڪاررواين جي دوران جعلي مق??بلي ۾ ڪشميري نوجوانن جي عدالت کان مٿانهين قتل کي بند ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. قراراداد ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڀارتي حڪومت جي غير قانوني قدمن کي رد ڪيو ويو آهي ۽ سمورين سياسي قيدين جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري ڀا??ت جي ڪشميرين تي ظلمن سميت نسل ڪشي جي خطرن جو نوٽيس وٺي جيڪو هاڻي عالمي سطح تي دستاويزي شڪل ۾ موجود آهن، قرارداد ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته عالمي برادري ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي انساني ح??ن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺندي. قرارداد ۾ حڪومت پاڪستان، پارليامينٽ ۽ عوام پاران ڪشميري ڀينرن ۽ ڀا??رن کي يقين ڏياريو ويو آهي ته اسان گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڪشمير تڪرار جي ح?? تائين انهن جي خودمختياري واري ح?? لاءِ جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهنداسين. هي ايوان ڪشميري عوام جي انهن جي پيدائشي ح??، خودمختياري جي ڀرپور حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، ان کانپوءِ سينيٽ قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ان قرارداد جي ڪاپي گڏيل قومن ۽ پاڪستان ۾ قائم غير ملڪي سفارتخانن ڏانهن موڪلي ويندي.