اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? جي صدر شي جن پنگ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي 100 هين سالگرهه ۽ چيني عوام جي غربت جي خاتمي لاءِ بي مثال ڪاميابين تي مبارڪباد ڏني?? ٻنهي اڳواڻن ٻنهي پاڙيسري ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم ڪميونسٽ پارٽي جي سئو سال ۾ چين کي غربت مان ڪڍڻ، چار ڏهاڪن ۾ سڌارن ۽ ترقي تي به مبارڪباد ڏني?? ٻنهي اڳواڻن سفارتي لاڳاپن جا 70 سال مڪمل ٿيڻ تي هڪٻئي کي مبارڪباد به ڏني. ان موقعي تي عالمي معام??ن تي به خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ چي?? جي قدمن ۽ اسرندڙ ملڪن لاءِ چي?? جي امداد ۽ پاڪستان کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين فراهم ڪرڻ ۾ تعاون کي ساراهيو، ڪورونا وائرس جي وبا جي عالمي معيشت تي منفي اثرن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي اڳواڻن معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ، چين پاڪستان آزاداڻي واپار جي ٻي مرحلي مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم سي پيڪ جي منصوب?? جي ڪاميابي، وقت سر ۽ اعليٰ معيار موجب عملدرآمد کي ساراهيو ۽ سي پيڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ايم ايل ون ريلوي منصوبي جي فوري آغاز سان پاڪستا?? جي قومي ۽ علائقائي ترقي جي جيو اڪنامڪس ويزن لاءِ اهم اڳڀرائي ٿيندي، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي?? جي خاتمي لاءِ چي?? جي قائداڻي ڪردار کي به ساراهيو. وزيراعظم ماحولياتي تبديلي?? جي روڪٿام لاءِ پاڪستا?? جي بلين ٽري سونامي منصوبي سميت ٻين قدم?? جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ۽ سي پيڪ گرين ڊولپمينٽ کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽيو جي اعليٰ معيار موجب فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو?? ٻنهي اڳواڻن افعانستا?? جي صورتحال تي به خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته هو افغان عوام کي فوري انساني ۽ معاشي امداد فراهم ڪري ته جيئن انهن جون مشڪلاتون گهٽ ۽ عدم استحڪام ۽ گڏيل جنگ جي روڪٿام ٿي سگهي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ تعاون ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. وزيراعظم ان موقعي تي چي?? جي صدر کي پاڪستا?? جي دوري جي پنهنجي دعوت جي تجديد به ڪئي.