اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي برادري کي افغان عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيهڻ ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ترغيب پيدا ڪرڻي پوندي. اها ڳالهه هن ??اڪ??تان جي دوري تي آيل اٽلي جي پرڏيهي وزير ليوگي ڊي ماريو سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي تڪرار ۽ عدم استحڪام جي ڪري ??اڪ??تان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي. هن چيو ته هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان ??اڪ??تان سان گڏوگڏ علائقائي ملڪن جي پڻ بهترين مفاد ۾ آهي. ملاقات دوران افغانستان جي تازي صورتحال ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته هن نازڪ موڙ تي افغانستان ۾ سيڪيور??ي جي صورتحال، امن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ پناهگيرن جي ڪنهن وڏي پئماني تي هجرت کي روڪڻ جي لاءِ قدم انتهائي لازمي آهن. ان ڏس ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ انتهائي اهم ترجيحون آ??ن. ??طرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان چيو ته اٽلي ??اڪ??تان جي لاءِ هڪ اهم حصيدار آهي. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه کي به اجاگر ڪيو ته اٽلي ۾ وڏي انگ ۾ رهندڙ ??اڪ??تاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آ??ن. ??رڏيهي وزير ليوگي دي ماريو افغانستان مان انخلا جي ڪاررواين ۾ سهولت فراهم ڪر?? تي ??اڪ??تان جا ٿورا مڃيا ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اٽلي جي عزم کي ورجايو. اٽلي جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي اٽلي جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي اٽلي جي وزيراعظم ماريو ڊراگي کي ??اڪ??تان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.