اسلام آباد – 13 آ??سٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي دعوت تي 14 کان 16 آگسٽ ??ائين ترڪي جو دورو ڪندو. ان دوري دوران صدر ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ايوان صدر جي ميِڊيا ونگ موجب ٻنهي صدرن استبول ۾ پاڪستان نيوي جي 4 ملجم بحري جهازن جي رونمائي تقريب ۾ به شرڪت ڪندا. صدر عارف علوي ميڊيا ۽ ترڪي جي مشهور ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪي جا ڀائراڻا لاڳاپا ??ڏيل عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ تي ??ڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي لاڳاپا هڪٻئي لاءِ احترام ۽ گ??يل اعتماد تي ??موار آهن، معاشي رخن تي ??ڌندڙ ڌيان سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃي، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا، مختلف معاملن تي رابطا، هڪجهڙي موقف ۽ مضبوط ٻطرفي لاڳاپن جو عڪاس آهن.