اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناروي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ترقياتي ??عاون لاءِ پاڪستان جو مضبوط حصيدار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ناروي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪيجل گنار ايرڪسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ناروي جي گڏيل مفاد لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا امڪان موجود آهن، ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ترقياتي ??عاون لاءِ پاڪستان جو مضبوط حصيدار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڏي ت??دا?? ۾ ناروي جي ڪمپنين جي موجودگي ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ واپاري لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي. سکر ۾ سولر پلانٽ جي تعمير جي لاءِ نظام انرجي ۽ نارويجن اسڪيٽڪ سولر جي وچ ۾ سهڪار مثبت اڳڀرائي آهي. منصوبي سان ناروي جي سيڙپڪارن ک?? پاڪستان جو ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ملندي. صدر ڀارتي ??ير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمان آبادي جي خلاف ڀارتي ??لم تي ??ه روشني وجهندي چيو ته عالمي برادري سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي ان جو خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي پنهنجي واعدي تي ??ملدرآمد ڪرائي. صدر لاهور ۾ تاريخي ورثي جي بحالي ۽ تحفظ تي ناروي جي حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪستان ۾ ناروي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪيجل گنار ايرڪسن ک?? پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سمورن شعبن ۾ سرڪاري سطح تي نجي شعبي ۾ رابطا قائم ڪري خاص طور تي معيشت ۽ ثقافتي ??عبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ لاءِ سندس ڪوششن ک?? ساراهيو.