اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن، سعودي عرب جي ترقي ۾ پرڏيهي پ??ڪس??انين جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، ڪووڊ بابت سفري پابندين جي ڪري سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پ??ڪس??انين جي وقت واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير پرنس فيصل بن فرحان السعود وزيراعظم عمران خان سان هتي ملاقات ڪئي?? وزيراعظم سندس والهاڻو استقبال ڪيو ۽ پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي خامين الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو?? وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي مئي 2021ع جي پنهنجي سعودي عرب جي دوري جو به ذڪر ڪيو جنهن جي لاءِ ڪيل فيصلن جي روشني ۾ وزيراعظم ان جي مختلف رخن تي روشني وجهندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ نيون راهون ڳوليون وڃن. وزيراعظم خصوصيت سان زور ڏنو ته معاشي رخ کي سگهه ڏيڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ هر ممڪنه قدم کنيا وڃن?? وزيراعظم عمران خان سعودي پ??ڪس??ان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي فعالي?? جي حوالي سان کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته سعودي عرب ۽ پ??ڪس??ان جي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ تزويراتي رخ جي تعين لاءِ اعليٰ سطح جو اهم پليٽ فارم آهي. وزيراعظم سعودي عرب جي خوشحالي ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي لاءِ پ??ڪس??اني ڪميونٽي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن سان ٻه طرفي لاڳاپن کي ٺوس بنياد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. وزيراعظم عمران خان ڪورونا بابت سفري پابندين جي حوالي سان پ??ڪس??اني شهرين کي درپيش مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پ??ڪس??انين کي انهن جي واپسي لاءِ بروقت قدم کنيا وڃن، هن سعودي عرب ۾ رهندڙ پ??ڪس??انين کي ڪووڊ ويڪسين جي فراهمي تي ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪورونا جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ سمورين ترين کي سياسي حل لاءِ تعميري ۽ بامقصد ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ته امن ۽ خطي جي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ان موقعي تي سعودي وفد والهاڻو استقبال ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. پرنس فيصل چيو ته سعودي عرب پ??ڪس??ان سان مضبوط لاڳاپا رکندڙ آهي. اهي لاڳاپا اخوت ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل آهن. هن وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد جي اسٽريٽجڪ حڪمن جي روشني ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب هڪٻئي سان ويجهي ۽ گڏيل تعاون جي ذريعي ويجها ڀائراڻا لاڳاپا رکندڙ آهن. سعودي عرب اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت رابطا گرو?? جو ميمبر آهي ۽ هو ڪشمير ڪاز جو حامي آهي.