اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ??تا?? جي ڏورانهن علائقن جي آبادي کي صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ ٽيلي ميڊيسن ڪلينڪس قائم ڪر?? جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيلي ميڊيسن ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ هيلٿ پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت جي استعمال سان ڊيٽا جي تجزئي ۽ وبائي بيمارين جي اڳڪٿي ڪري سگهبي. هو پاڪ??تا?? ۾ ٽيلي هيلٿ خدمتن جي فراهمي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو نيشنل هيلٿ سروس، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، سيڪريٽري عامر خواجه، ڪنسلٽنٽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي تانيه ايدرس، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ڊاڪٽر رانا محمد صفدر، ڊائريڪٽر جنرل اين آءِ ٽي بي فيصل اقبال ۽ ٻين لاڳاپي?? سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروس، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پاران ٽيلي هيلٿ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ پاڪ??تا?? ۾ ٽيلي هيلٿ سروسز جي فرو?? لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون.