اسلام آباد – 20 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان ??يو ته راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ سان ملڪ ۾ معاشي س??گرميون وڌنديون، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ شهرين کي عالمي معيار جون رهائشي سهولتون ميسر اينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي راوي سٽي تحت سيفائر- بي منصوبي تي اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2000 هزار ايڪڙ تي ٻڌل ان منصوبي مان حڪومت کي وصول ٿيندڙ روي??يو ۽ آمدني جو ڪاٿو 25 ارب روپيا لڳايو ويو آهي، ان کانسواءِ منصوبو مجموعي طور تي 150 ارب روپين جي معاشي س??گرمين کي جنم ڏيندو. راوي سٽي جا وڌيڪ 2 ذيلي منصوبا جن ۾ زون 457 ۽ ايل پي – جزيرو شامل آهن، جلد سيڙپڪاري لاءِ ميسر هوندا. جنهن سان حڪومت کي ملندڙ روي??يو ۽ آمدني جو ڪاٿو مجموعي طور تي 130 ارب روپيا لڳايو ويو آهي ۽ اهو گڏجي 750 کان 900 ارب روپين جي معاشي س??گرمين جو حصو بڻجندو اهڙي طرح سان راوي سٽي تي 15 هزار ايڪڙ تي شروع ٿيندڙ ڪم جي نتيجي ۾ هلندڙ سال ڊسمبر تائين مجموعي طور تي هزار ارب روپين جون معاشي س??گرميون ٿينديون جيڪي ملڪ ۾ روزگار جا بي شمار موقعا فراهم ڪنديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازو ئي ملڪ جي سڀني وڏين يونيورسٽين کان ان جي راوي سٽي ۾ ڪيمپس کولڻ جي سلسلي ۾ رابطا ڪيا ويا جنهن جا مثبت جواب اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ان کانسواءِ سوئيس ڪمپني ليونگ – اسٽون گرين – ٽيڪ سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جيڪي زون ٿري ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي س??ن عالمي معيار جا فارم ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا. اهي قدم وڌندڙ ملڪي غذائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي کنيا ويا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي منصوبي ۾ نوجوانن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ينگ ليڊرشپ پروگرام ??ار?? ڪيو ويو جنهن سان هن وقت تائين 25 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن، هلندڙ سال جون کان نوجوانن جي پ??رين کيپ باقاعده ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيندي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي حوالي س??ن وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ان جي پ??رين سب – فيز ۾ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ مقامي ۽ ٻاهريان سيڙپڪار گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن، ان کانسواءِ ريلوي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ اٿارٽي گڏجي ريلوي جي زمين تي تعميراتي منصوبي کي ??ار?? ڪندو، جنهن سان ريلوي جي غير استعمال ٿيل زمين کي استعمال ۾ آندو ويندو.