اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آدمشماري ج?? بنيادي فريم ورڪ تي 6 کان 8 هفتن ۾ ڪم مڪمل ٿي ويندو ۽ سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ نئ??ن آدمشماري ج?? عمل شروع ٿي ويندو، نئ??ن آدمشماري ج?? عمل مارچ 2023ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، آدمشماري اليڪشن جو بنياد بڻجندي آهي ۽ 2023ع اليڪشن نئ??ن آدمشماري موجب نه ٿي ته نن??ن صوبن جي نمائندگي گهٽ ٿي ويندي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته آدمشماري ج?? حوالي سان ڪابينا جي ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي ۽ ان ان حوالي سان پنهنجون سفارشون به جوڙيون. هن چيو ته آدمشماري اليڪشن جو بنياد بڻجندي آهي ۽ تازي تڪبندين جي بنياد تي تڪبنديون ڪيون و??ن ٿيون ۽ انهي ج?? بنياد تي اليڪشن ڪرايون و??ن ٿيون جڏهن ته 2018ع جي اليڪشن کي خاص آئيني ترميم ذريعي خصوصي ڇوٽ ڏني وئي هئي. هن چيو ته ضمني چونڊون پراڻي تڪبندين ۽ آدمشماري سان ٿي سگهن ٿيون پر مقامي حڪومتن جون چونڊون نئ??ن آدمشماري ج?? بنياد تي ئي ٿينديون ۽ ان ۾ عدليه جي به تمام گهڻي دلچسپي آهي. وفاقي وزير چيو ته 2023ع اليڪشن کان اڳ آدمشماري تي حتمي فيصلو نه ٿيو ته آئيني ترميم جي ڇوٽ ختم ٿيڻ سبب ايندڙ اليڪشن 1998ع جي ئي آدمشماري ج?? بنياد تي ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ ٽنهي نن??ن صوبن جي اسيمبلي ۾ نمائندگي گهٽ ٿي ويندي ۽ پنجاب جي نمائندگي وڌي ويندي.