اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ملڪ کي حقيقي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي حوالي سان وڏن عالمن جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، عالمن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو ته جيئن ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ عالمن جي مشاورت ۽ رهنمائي جاري رهي، مسلمان امت ۾ فرق ۽ ويڇا پيدا ڪرڻ جي ناپاڪ سازشن جو مقابلو ڪرڻ جي ڏس ۾ عالم سڳورن جي مسلسل تعاون جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عال?? سڳورن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.