اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اطلاعات واري ڪ??يٽي ۾ چيئرمين نيب جي طلبي کي کل جوڳي قرار ڏيندي چيو آهي ته مخالف ڌر جو مقصد هر پليٽ فارم کي غلط استعمال ڪري نيب کي دٻاءُ ۾ آڻڻ آهي، بر??ڊشيٽ معاملي تي وزيراعظم عمران خان انڪوائري ڪ??يٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جيڪا 45 ڏينهن ۾ بر??ڊشيٽ معاملي تي لاڳاپيل ماڻهن، ڪردارن ، و??يرن ۽ وڪيلن جي تحقيقات ڪندي. هو پارليامينٽ هائوس ۾ قومي ??سيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.