وزيراعظم جي قيادت ۾ نئين پاڪستان جو بنياد رکي ڇڏيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP52-12 SIALKOT: February 12 - Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addressing at cheques distribution ceremony of loans among the youth under Prime Minister's Kamyab Jawan Programme. APP Photo by Muhammad Munir Butt

سيالڪوٽ – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسان نئين ۽ خوشحال پاڪستان جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، ان بنياد تي تعمير ٿيندڙ عمارت ڪرپشن کان پاڪ، معاشي ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم ۽ مثالي پاڪستان جي ضامن ثابت ٿيندي، وزيراعظم عمران خان ليڊر آهي جيڪو ايندڙ نسلن جي روشن مستقبل جو سوچي ٿو، سياستدان ته رڳو پنهنجي ايندڙ اليڪشن جو سوچين ٿا ۽ ٽائم پاس ڪن ٿا، هنرمند پروگرام تحت پنجاب ۾ نيوٽا ذريعي 50 هزار ماڻهن جڏهن ته مدرسن جي 75 شاگردن کي تربيت يافته بڻائڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، پهريون ڀيرو بئنڪ آف پنجاب کي عوام جي خدمت لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ماضي ۾ ان بئنڪ کي به دوستن جي فيڪٽرين ۽ ڪارخانن کي پهرين قرضن جي فراهمي ۽ پوءِ معافي جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. هو ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.

مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن