اسلام آباد 12- سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته بين الافغان مذاڪرات منعقد ڪرڻ افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، اڄ سڄي دني?? پاڪستان ??ي موقف تسليم ڪري رهي آهي، افغان ??من عمل کي منتقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن دوحه ۾ بين الافغان مذاڪرات جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم ۽ قطر جي پرڏيهي وزير جي خاص دعوت تي ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پاڪستان ??رفان ??فغانستان لاءِ خاص نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق دوحه اجلاس ۾ شريڪ آهي. پرڏيهي وزير چ??و ته پاڪستان ??و موقف هميشه اهو ئي رهيو آهي ته افغان مسئلي جو حل طاقت ذريعي ممڪن ناهي. سٺي ڳالهه اها آهي ته اڄ سڄي دني?? پاڪستان ??ي موقف کي تسليم ڪري رهي آهي.