اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته هائوسنگ منصوبي سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا، غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ڇت ميسر ايندي، تعميراتي شعبي ۾ 400 ارب روپين جا پروجيڪٽ شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، سيڙپڪارن لاءِ 31 ڊسمبر تائين ان سهولت مان فائدو وٺڻ جا به??رين موقعا آهن، هائوسنگ منصوبي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جي ذريعي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي احساس پروگرام جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سا?? گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪورونا جي ڪري اسان جي م??ڻهن کي اها تڪليف ناهي ڏسڻي پئي جيڪا ٻين ملڪن کي ڏسڻي پئي، هن چيو ته ڪورونا کان اڳ معاشي صورتحال به??ر ٿي، جيتوڻيڪ ڪورونا وبا جي ڪري معيشت تي اثر پيا، عوام جي ڀلائي ۽ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وبا جي دوران حڪومت عوام کي م??ڪلاتن کان بچائڻ لاءِ پرعزم رهي، هن چيو ته قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاسن جو مقصد سڀني شعبن ۾ رابطن کي م??بوط ڪرڻ آهي.