اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن کي ڪورونا سان گڏوگڏ غربت جو چئلينج به درپيش آهي، ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صو??تحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مت??ثر ملڪن کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، صحت جي نظام جي بهتري ۽ ٻين قدمن جي لاءِ مالياتي انتظام جي ضرورت آهي، موجوده صو??تحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قرضن ۾ رليف گهربل هوندو، ڪروڙين ماڻهن کي بک کان بچائڻ جي لاءِ معيشت کي کولڻ ضروري آهي، انتظاميا سان گڏ رضاڪا فورس به ميدان ۾ لاٿي آهي، مت??ثر خاندانن جي لاءِ احساس ڪيش پروگرام شرو?? ڪيو آهي، هلندڙ سال اسان جي ملڪ جي لاءِ تمام گهڻو مش??ل ثابت ٿي رهيو آهي، اسان تمام مش??ل سڌارن کانپوءِ جاري کاتن ۽ مالي خسارو گهٽ ڪيو، جيستائين ويڪسي?? نه ٿي اچي ملڪ ۽ قوم جي حيثيت سان ان وائرس سان گڏ رهڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم ۾ ڪوويڊ ايڪشن پليٽ فارم کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.