اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان ج??پان جي سفير ڪونينورو مٽسودا ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دل??سپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن، ڪوويڊ 19 جي موجوده صورتحال ۽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ج??پان سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جاپان آزمائش جي گهڙيءَ ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو.