اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽ?? فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر رپورٽ کي سياسي رنگ ڏيڻ بدران عمران خان جي جذبي کي ساراهي، جنهن تاريخ ۾ خود احتسابي جو روشن مثال قائم ڪيو، حڪومت تي وار ڪرڻ بدران مخالف ڌر کي پنهنجو حساب ڏيڻو پوندو، انهن جي تاريخ مفادن جي ٽڪراءُ سان ڀريل آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽ?? فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قوم اهو ??قت نه وساريندي جڏهن پٽ پيءُ کي، چاچو ڀائٽيي کي ۽ صدر انور مجيد کي سبسڊي ڏيندو هو، چٽاڀيٽي ڪميشن جهڙو ادارو انهن جي هٿن ۾ يرغما?? بڻيل هو، اتي اهو شخص مقرر ٿيندو هو جيڪو ان مافيا جي مفادن کي تحفظ ڏيندو هو، 6 خاندان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ کنڊ تي ڪنٽرول ڪ??دا هئا.