اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايران جي صدر حسن روحاني جي وچ ۾ آ??رب??ئيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ملاقات ٿي. هتي ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر ايراني هم منصب سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته پاڪستان ايران کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 900 ڪ??وميٽر کان وڌيڪ گڏيل سرحد آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران ۾ عوامي سطح تي رابطن سان ٻه طرفي دوستي بابت سگهه ملي آهي.