اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) آئين جي گولڊن جوبلي جي م??قعي تي عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل سعودي پارليامينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گولڊن جوبلي جي م??اسبت سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪنوينشن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چ??و ته آئين جي گولڊن جوبلي جي م??قعي تي عالمي ڪنوينشن ۾ توهان جي شرڪت اسان جي لاءِ خوشي جوڳي آهي. سعو??ي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا ڀائراڻا، ڀائيچاري، تاريخ جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن. پاڪستان کي سعو??ي عرب جي پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي هجڻ تي فخر آهي. پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام سعو??ي عرب جي حڪومت ۽ عوام سان گهري وابستگي رکن ٿا. هن چ??و ته پاڪ سعودي پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي وفدن جي م??اسٽا ضروري آهي. پاڪستان جي اترئين علائقن کي الله تعاليٰ تمام گهڻي خوبصورتي سان نوازيو آهي. خواهش آهي ته سعودي ڀائر پنهنجي فيمليز سان گڏ پاڪستان جي اترئين علائقن جي سير ڪن. سعودي پارليامينٽ جي چيئرمين چ??و ته هو پاڪستان کي پنهنجو گهر تصور ڪري ٿو. پاڪستان جي عوام کان ملندڙ محبت سدائين ياد رهندي. سعو??ي عرب پاڪستان جو ڏک سک جو دوست آهي جيڪو هر مشڪل گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل رهي ٿو. پاڪستان جي سمورن صوبن جي عوام انتهائي محبت ڪندڙ عوام آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا دنيا جي لاءِ مثال آهن. پارلياماني سطح تي رابطن جو فروغ ضروري آهي. سعودي پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي وچ ۾ مٽاسٽا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مست??ڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.