اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سينيئر سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس ??لب ڪري 19 ڊسمبر تي قابض ڀ??رتي فوجن طرفان لائن آف ڪنٽرول جي رک چڪري سيڪٽر ۾ جنگبندي ج?? بنا جواز ڀڃڪڙين تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ اکوڙي ڳوٺ جي 25 ساله صفيره سخت زخمي ٿي پئي. پرڏيهي ترجمان موجب سينيئر ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس ??لب ڪري احتجاجي خط سندس حوالي ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ته قابض ڀ??رتي فوج ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ ??و مسلسل ڀڃڪڙيون ڪندي آرٽلري، ڳرن ۽ خودڪار هٿيارن ذريعي عام شهريءَ کي نشانو بڻائي رهيون آهن. ڀارتي سفارتڪار کي ٻُڌايو ويو ته شهري آبادين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ، انساني عظمت ۽ وقار، عالمي انساني حقن ۽ بين الاقوامي انساني قانونن جي ??ڌي ڀڃڪڙي آهي.