بلاول ڀٽو زرداري پاران ميرپور ماٿيلو جي پارٽي اڳواڻ غلام نبي وسير جي قتل جي مذمت

image

ڪراچي – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ميرپور ماٿيلو جي پارٽي اڳواڻ غلام نبي وسير جي قتل جي مذمت ڪئي آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته غلام نبي وسير جي خون سان انصاف ٿيندو، ڏوهارين کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. هن چيو ته قيادت سميت پوري پارٽي سوڳوار خاندان سان گڏ آهي. هن چيو ته غلام نبي وسير پارٽي جو اثاثو هو، سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، دعاڳو آهيان الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.

مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون
متعلقہ مضامین
مزید خبریں