اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، اسان کي دنيا ۾ رهڻو آهي. “آ ڏاند مون کي مار” ڪٿان جي پاڪستانيت ۽ خدمت آهي، اسان کي ملڪ جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو نه ته ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندو، ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوليس سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي، انهن جي قربانين کي رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين، ملڪ جي ترقي لاءِ ٻارن کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي، چين ۽ سعودي عرب اسان جا پراڻا دوست آهن ۽ انهن هر مشڪل گهڙيءَ ۾ اسان جو ساٿ ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليس سروس آف پاڪستان جي 48 هين ايس ٽي پي بئچ جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم پاسنگ پريڊ ۾ ڪامياب ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته انهن نوجوانن ميرٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ انهن کي انعام ڏنا ويا آهن. والدين سـٺي طريقي سان انهن جي تعليم ۽ تربيت ڪئي جڏهن ته نيشنل اڪيڊمي ۾ پروفيشنل ڪيريئر جي لاءِ انهن کي بهترين تربيت ڏني وئي. هن چيو ته ڪاميابي ماڻيندڙن ۾ سڄي پاڪستان مان نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شامل آهن. هن چيو ته قوم جون ڌيئرون زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن. اهي ملڪ جي خوشحالي، ترقي، بئنڪنگ، پوليس سميت ٻين شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان سمورين مشڪلاتن جي باوجود عالمي دنيا ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اي ڊي خواجه ايماندار، پروفيشنل پوليس افيسر آهي، فرض جي ادائيگي دوران بيشمار پوليس آفيسر ۽ اهلڪار غازي آهن. انهن سدائين فرض شناسي جو مظاهرو ڪيو. انهن ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون. غيرمعمولي حالتن ۾ بهترين فرض سرانجام ڏنا. پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن عوام جي تحفظ ۽ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جي قرباني ڏني آهي. انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته پوليس ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ ملڪ مان ان ناسور جو خاتمو ڪيو. تاريخ ۾ اهو سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ پروفيشنل انداز ۾ گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي وارن ڪورسز جي تربيت ڏني پئي وڃي. پوليس اڪيڊمي ۾ فرانزڪ ليبارٽري هجڻ گهرجي. اسلام ۾ سي ٽي ڊي سي جو ادارو هجڻ گهرجي ته چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ مثال هجي. نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ اهڙن پروگرامن تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پنجاب ۾ جڏهن اسان جي حڪومت هئي ته راءِ طاهر جي قيادت ۾ سي ٽي ڊي کي پاڪستان جو بهترين ادارو بڻايو ويو. اهو نه رڳو ملڪ جو پر عالمي سطح جو بهترين ادارو آهي. لاهور ۾ فرانزڪ سائنس ايجنسي ۾ ٻاهرئين ملڪ مان به ڪيسز اچن ٿا. هن چيو ته محدود وسيلن جي باوجود 3 ڪروڙ 30 لک ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. انهن جي لاءِ خيما، خوراڪ ۽ پاڻي جو بندوبست ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ان کانسواءِ نوجوانن کي جديد ٽيڪنڪ جي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ پڻ ضروري آهي. صوبن کي ڪنهن به معاملي تي وفاق کان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد وفاق جي علامت آهي. پاڪستان بي پناهه قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. امانت، ديانت، عزم، ويزن ۽ لگن هجي ته واريءَ به سون بڻجي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي تي وفاقي پوليس ۽ صوبائي پوليس جي جيتري به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي. پاڪستان اسان سڀني جي لاءِ پيارو آهي، جيڪڏهن اسان سمورين مشڪلاتن ۽ انساني ڪمزورين جي باوجود ان جو حق ادا نه ڪيو ته ايندڙ نسل معاف نه ڪندو. هن چيو ته 75 سالن کانپوءِ قائداعظم جو پاڪستان ڪٿي بيٺل آهي. ننڍا ننڍا ملڪ اسان کان اڳتي نڪري ويا، اهو فڪر جو لمحو آهي. 75 سالن کانپوءِ به اسان انهي دائري ۾ گهمي رهيا آهيون جڏهن ته الله تعاليٰ اسان کي سموريون نعمتون عطا ڪيون آهن. هن چيو ته گذريل 4 سالن دوران منصوبن کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلايو ويو. سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ پاڪستان ۾ اسپتال جي تعمير سميت ٻين منصوبن تي مالي معاونت جي آڇ ڪئي هئي جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو. سعودي وفد سان ملاقات دوران انهن منصوبن کي ٻيهر فعال بڻايو ويو آهي. هن چيو ته سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان انهن کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. پاڪستاني قوم انهن جو ڀرپور استقبال ڪندي. سعودي عرب اسان جو ڀائر ملڪ آهي. جنهن آئل ريفائنري منصوبي تي 2019ع ۾ ڪم شروع ٿيڻو هو ان وقت ان تي اڳڀرائي نه ٿي هاڻي ان منصوبي تي ۽ شمسي توانائي جي منصوبن تي ڪم ٿيندو. شهباز شريف چيو ته چين جو دورو ڪري رهيو آهيان، چين سان پائيدار دوستي آهي. چين ۽ سعودي عرب سدائين مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيا. هن چيو ته آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، اسان کي دنيا ۾ رهڻو آهي. “آ ڏاند مون کي مار” ڪٿان جي پاڪستانيت ۽ خدمت آهي. هن چيو ته بنگلاديش جو روانگي واپار اسان کان وڌيڪ آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي قيمتي وسيلن مان فائدو کڻون ته اسان دنيا ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري وڃون. اسان کي تقريرن بدران عملي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي ديانت سان محنت، محنت ۽ محنت جي قول تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اڃا به وقت آهي ته اسان ماضي جي نقصانن جو ازالو ڪريون. هن نيشنل پوليس اڪيڊمي جي لاءِ زمين فوري منتقل ڪرڻ، استادن ۽ ملازمن جو پگهار ۽ مراعتون ٻين ادارن جي برابر ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم کي نيشنل پوليس اڪيڊمي اچڻ تي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم پاسنگ آئوٽ پريڊ جو پڻ معائنو ڪيو. وزيراعظم نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پوليس آفيسرن ۾ انعام پڻ ورهايا. تقريب کي ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي اي ڊي خواجه پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، انساني حقن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده، منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير شاهه زين بگٽي سميت ٻين پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.