اپريل واقعي ۾ گرفتار ڪيل پاڪستانين جي آزادي جو حڪم ڏيڻ تي شهزاده محمد بن سلمان جو ٿورائتو آهيان: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۾ اپريل 2022ع جي واقعي ۾ گرفتار ڪيل پاڪستانين جي آزادي جو حڪم ڏيڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جا دل سان ٿورا مڃي ٿو ته جنهن سندس درخواست تي سعودي عرب ۾ اپريل 2022ع جي واقعي تي گرفتار پاڪستانين جي آزادي جو حڪم ڏنو. هن چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته اسان کي هڪ ٻئي جي غلطين تي درگذر ڪرڻ وارو بهتر مسلمان بڻائي.

مضمون کا ماخذ : loteria estadual
متعلقہ مضامین
مزید خبریں