خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جُون حڪومتُون اعليٰ معيار جي ٻج جي ورڇ جي وفاقي حڪومت جي پروگرام ۾ شامل ٿين ۽ ان کي سياسي مسئلو نه بڻائين: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image
APP24-201022 ISLAMABAD: October 20 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif chairs a meeting of National Flood Response and Coordination Centre (NFRCC). APP/MAF/FHA

اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي حڪومتن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اعليٰ معيار جي ٻج جي ورڇ جي وفاقي حڪومت جي پروگرام ۾ شامل ٿين ۽ ان کي سياسي مسئلو نه بڻائين، پاڪستان اسان سڀني کي هڪ جيترو پيارو آهي، ذاتي ۽ سياسي پسند ۽ ناپسند ۽ مفادن کان مٿانهون ٿي ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت نجي شعبي کي هرگز ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي، هن مشڪل صورتحال ۾ ڪنهن کي ناجائز منافعي خوري ڪرڻ ۽ عوام تي بار وجهڻ نه ڏينداسين. هو پنهنجي صدارت ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ منعقد جائزه اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي وزيرن احسن اقبال، طارق بشير چيما، اياز صادق، شيري رحمان، خرم دستگير خان کانسواءِ اين ڊي ايم اي، اين ايف آر سي سي ۽ اعليٰ صوبائي عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد، بحالي ۽ آبادڪاري جي ڪم ۾ اسان کي سياست کان مڪمل پرهيز ڪرڻ گهرجي، وفاقي حڪومت متاثرين جي بحالي ۽ ريليف جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪيو آهي. هيستائين 66 ارب رپيا متاثرين ۾ ورهائجي چڪا آهن. هڪ لک 10 هزار خاندانن کي اها رقم جلد منتقل ٿي ويندي. وفاقي حڪومت چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ سمورن متاثرين جي لاءِ قدم کنيا آهن ۽ فوت ٿيندڙن جي خاندانن کي 10 لک رپيا في ڪس جو پئڪيج ڏنو آهي. ٻوڏ سان 1700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن. اين ڊي ايم اي شفاف طريقي سان اها رقم ورڇ ڪئي آهي. وفاقي حڪومت پاران هيستائين ان جي حصي موجب 88 ڪروڙ رپيا ورهايا ويا آهن. زخمين جي لاءِ جيڪو پئڪيج ڏنو ويو هو ان جي ورڇ به جاري آهي. چئني صوبن ۽ متاثر علائقن ۾ اين ڊي ايم اي جي ذريعي خوراڪ، دوائون، خيما، مڇردانيون ۽ پاڻي ضرورت موجب فراهم ڪيو ويو آهي ۽ هر صوبي جي ضرورت کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته دوست ۽ ڀائر ملڪن پاران جيڪا امداد آئي اها اين ڊي ايم اي پي ڊي ايم ايز سان گڏجي سمورن صوبن ۾ شفاف طريقي سان امدادي سامان ورهايو آهي. چين پاران سردين جي لاءِ سيءُ کان بچاءُ وارا تنبو موڪليا پيا وڃن، اهي به سمورن متاثر علائقن ۾ ضرورت موجب ورهايا ويندا. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت پاران ڪڻڪ جي پوکيءَ جي لاءِ وفاقي وزيرن طارق بشير چيما ۽ احسن اقبال صوبن سان گڏجي اڌواڌ جي بنياد تي ٻج جي فراهمي جو منصوبو ٺاهيو آهي جنهن کي اين ڊي ايم اي جي ذريعي پڄاڻي تائين پهچايو ويندو. ايندڙ فصل جي لاءِ اعليٰ معيار جو ٻج حاصل ڪيو ويندو. سنڌ ۽ بلوچستان ان حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن پر خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن اسان جي درخواست جي باوجود ان منصوبي ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جواب ڏئي ڇڏيو ته اسان کي ٻج نه گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسان سڀني کي هڪ جيترو پيارو آهي ۽ هي اسان سڀني جو گڏيل ملڪ آهي. چار ئي صوبا پاڪستان جو حصو آهن ۽ وفاقي ڌرين سان گڏجي ئي ٺهي ٿو. ان معاملي ۾ ڪا سياست نه آهي. ذاتي ۽ سياسي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي سمورن صوبن کي ان پروگرام ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪو صوبو شامل نه ٿو ٿيڻ چاهي ته ان کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي. بي آءِ ايس پي تحت 70 ارب رپيا ورڇ ٿيڻا آهن، خيمن، مڇردانين ۽ پاڻي سميت اربين رپين جو سامان شفاف طريقي سان سمورن متاثر علائقن ۾ موڪليو ويو آهي. ٻوڏ سان اهڙي تباهي ٿي آهي جو اڳ ۾ ڪڏهن ڏسڻ ۾ ناهي آئي. گذريل ڏينهن مون صحبت پور جو دورو ڪيو، اتي اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، اڳ ۾ ٻوڏ ريلن سان تباهي ٿي ۽ هاڻي بيٺل پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته اڌواڌ فارمولي تي سنڌ ۽ بلوچستان جون حڪومتون راضي آهن پر جيڪڏهن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کي ٻج نه گهرجي ته اهو انهن جو پنهنجو فيصلو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪڻڪ جي درآمد جي حوالي سان ڪاٿو لڳايو ويو آهي، پلاننگ، ناڻي، غذائي تحفظ ۽ ڪامرس وارين وزارتن گڏجي ان حوالي سان ڪم ڪيو آهي. گذريل سال جي ڪڻڪ جي جيڪا کوٽ هئي ان کي به پورو ڪيو ويندو. حڪومت ڪيترائي لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪري چڪي آهي. ٻوڏ جي ڪري اسان ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف پورو نه ڪري سگهنداسين. وزيراعظم واضح ڪيو ته هو نجي شعبي کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو. ائين نه ٿو ٿي سگهي ته پرائيويٽ سيڪٽر پنهنجي مرضي جي قيمت تي ڪڻڪ گهرائي. آئون ڪنهن تي الزام نه هڻي رهيو آهيان ۽ نه ئي شڪ ڪري رهيو آهيان. سموريون صوبائي حڪومتون منهنجي لاءِ احترام جوڳيون آهن پر اسان کي تباهي درپيش آهي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جو مشڪل معاملو درپيش آهي. وفاقي حڪومت تمام بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي اربين رپيا بچايا آهن ۽ گهٽ کان گهٽ واڪ وارن سان به ڳالهه ٻولهه ڪري قيمت وڌيڪ گهٽ ڪرائي آهي. هن ايمرجنسي جي صورتحال ۾ اسان هڪ ڊالر به وڌيڪ خرچ ڪرڻ کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، ان لاءِ اڳ ۾ جيڪا 440 جي بڊ آئي ان کي مون قبول نه ڪيو جڏهن ته مون کي مشورو ڏنو ويو ته ان کي قبول ڪيو وڃي ڪٿي ائين نه ٿئي جو ان کان به وڌيڪ قيمت تي ڪڻڪ وٺڻي پوي پر اسان رسڪ کنيو ۽ 30 ڊالر في ٽن بچايا. اهو الله جو ڪرم هو. وزيراعظم چيو ته نجي شعبي کي عام حالتن ۾ ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي پر ان صورتحال ۾ اسان ڪنهن کي ناجائز منافعي خوري ۽ عوام تي بار وجهڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين.

مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں