صدر پاران ٻوڏ متاثرين جي بس ۾ باهه لڳڻ سان 18 ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حيدرآباد ڪراچي موٽروي تي ٻوڏ متاثرين جي بس ۾ باهه لڳڻ سان 18 ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي فوت ٿيندڙن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ۽ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : گرم گرم
متعلقہ مضامین
مزید خبریں