اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي ماحول کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ هو ڪنهن به شڪل ۾ جارحيت يا مهم جوئي کي روڪڻ جي پنهنجي صلاحيت کي برقرار رکندو. هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان سمورين رياستن لاءِ بنا فرق ۽ هڪجهڙي تحفظ جي اصولن تي ٻڌل عالمي عدم ڦهلاءُ جي نظام کي مضبوط ڪرڻ جي عالمي ڪوششن ۾ حصيدار ۽ برآمدي ڪنٽرول بابت تازه ترين عالمي معيارن تي عمل پيرا آهي ۽ جوهري تحفظ ۽ سلامتي جي اعليٰ ترين معيارن کي برقرار رکي ٿو. ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي قوم 1998ع ۾ ڀارت جي ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ ڪيل جوهري تجربن جي 24 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، ان جوهري تجربن نه رڳو قوم جي پاڪستان جي علائقائي سالميت، آزادي ۽ خودمختياري جي تحفظ جي عزم جو اظهار ڪيو پر ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ توازن کي برقرار رکڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي درپيش خطرن پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ريسٽرينٽ ريجيم جي تجويز جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي بنيادي مسئلي سميت حل طلب مسئلن جو حل، جوهري ۽ ميزائل پابندين ۽ روايتي توازن شامل آهي. بيان ۾ پاڪستان جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ سائنسدانن، انجنيئرن ۽ ٽيڪنيڪي ماهرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ويو آهي ته قوم ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پاڪستان جي جوهري پروگرام جي تعاون کي به دل جي گهراين سان ساراهي ٿي. بيان موجب پاڪستان توانائي، پاڻي ۽ خوراڪ جي حفاظت، تعليم، صحت، زراعت ۽ صنعت کان وٺي پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري رهيو آهي، جيواشم ٻارڻ جي قابل اعتماد، صاف ۽ سستي متبادل جي ذريعي جوهري توانائي جي پيداوار پاڪستان جي توانائي جي تحفظ جي منصوبن جو هڪ اهم عنصر آهي. بيان موجب هن سال ڪراچي ۾ ٻي 1100 ميگاواٽ جي k-3 نيوڪليئر پاور پلانٽ جو آپريشنل هجڻ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي جيڪو پاڪستان جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ جوهري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪردار جي نشاندهي ڪري ٿو، صحت جي شعبي ۾ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ 20 ڪينسر اسپتالون هلايون پيون وڃن جيڪي پاڪستان ۾ ڪينسر جو وڏو بار برداشت ڪري رهيون آهن، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته زراعت جي شعبي ۾ فصلن جي وڏي پيداوار ۽ موسم خلاف مزاحمتي قسمن جي ترقي ۾ پاڪستان ۾ جوهري تحقيقي مرڪزن جي تعاون کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، پاڪستان سينٽر آف ايڪسي لينس ان نيوڪليئر سيڪيورٽي عالمي اٽامڪ انرجي ايجنسي جو هڪ تسليم ٿيل سينٽر آف ايڪسيلينس آهي، جيڪو جوهري سيڪيورٽي جي حوالي سان عالمي تربيت فراهم ڪري ٿو، پاڪستان عالمي اٽامڪ انرجي ايجنسي ۾ ميري ڪيوري فيلوشپ پروگرام تحت فلوشپس به پيش ڪندو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ عالمي اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ماهرن جي حمايت ڪري ٿو.