مسلم ليگ (ن) سان نفرت ۽ ڪاوڙ ۾ عمران خان غريب عوام جي ڀلائي جي اهم قومي منصوبن کي نقصان پهچايو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

image
APP38-220522 LAHORE: May 22 - Prime Minister Shehbaz Sharif talking to media persons after his visit to PKLI. APP

اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) سان نفرت ۽ ڪاوڙ ۾ عمران خان غريب عوام جي ڀلائي جي اهم قومي منصوبن کي نقصان پهچايو آهي، سياسي انتقام، گارگند ۽ الزام بازي کانسواءِ عمران خان وٽ ڪجهه نه آهي، ملڪ ۾ سول وار جي ڪوشش عمران خان جي ڀُل آهي، قوم کيس ان جي اجازت نه ڏيندي، لکين ماڻهن جي قربانين ۽ ڪروڙين ماڻهن جي دعائن سان وجود ۾ ايندڙ پاڪستان قائم ۽ دائم رهندو، جمهوريت هوندي ته ملڪ مضبوط ٿيندو ۽ اسان اڳتي وڌنداسين. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر جي صورتحال ۽ ان کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان سندس گڏجاڻي ٿي آهي ۽ غريب ۽ لاچار ماڻهن کي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، ان اسپتال ۾ سڄي ملڪ مان مريض علاج جي لاءِ اچي سگهندا، ڊاڪٽر سعيد اختر بورڊ آف گورنر جو چيئرمين هوندو. ماضي ۾ ڊاڪٽر سعيد اختر سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، جهڙي طرح کيس اسپتال مان فارغ ڪيو ويو ۽ ان عظيم اسپتال کي جهڙي طرح بند ڪيو ويو اهو افسوسناڪ آهي. الحمد الله ڊاڪٽر سعيد اختر واپس آيو آهي ۽ آئون سندس ۽ سندس ٽيم جا ٿورا مڃڻ چاهيان ٿو، مون کي يقين آهي ته ڏکويل انسانيت جي ان عظيم مقصد جي لاءِ ڊاڪٽر سعيد اختر جي ٻيهر اسپتال ۾ شموليت سان اسپتال جي ڪارڪردگي کي چار چنڊ لڳي ويندا. ڊاڪٽر سعيد اختر ۽ پروفيسر ڊار جي سربراهي ۾ شاندار ماهرن جي ٽيم ان قومي اسپتال کي هلائيندي. وزيراعظم چيو ته اسپتال ۾ 50 سيڪڙو غريب ۽ سفيد پوش ماڻهن جو مفت علاج ٿيندو، 50 سيڪڙو اهي صاحب حيثيت مريض جيڪي پنهنجو علاج برطانيا ۽ آمريڪا مان ڪرائي سگهن ٿا، اهي هتي فيس ادا ڪري پنهنجو علاج ڪرائي سگهندا، صاحب حيثيت مريضن کان ملندڙ فيس غريب ۽ لاچار ماڻهن جي علاج تي خرچ ٿيندي جڏهن ته پنجاب جي حڪومت پاران فراهم ڪيل ساليانو فنڊز ان کانسواءِ هوندا. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح نرسنگ يونيورسٽي کي هڪ سال ۾ مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نرسنگ يونيورسٽي شروع ڪرڻ سان نه رڳو اسپتال پر سڄي صوبي ۾ نرسن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته گذريل ساڍا ٽن سالن ۾ انهن منصوبن کي ان جي لاءِ رد ڪيو ويو هو ڇو ته اهي منصوبا مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف شروع ڪيا هئا، گذريل حڪومت پوري ڪوشش ڪئي ته مسلم ليگ (ن) جي سٺن منصوبن کي ختم ۽ ماهرن ۽ شخصيتن کي فارغ ڪيو وڃي، مسلم ليگ (ن) سان نفرت ۽ ڪاوڙ ۾ عمران خان انهن منصوبن کي نقصان پهچايو آهي، پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر تي قوم جي ٽيڪسن مان حاصل ڪيل 30 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا هئا، ان زماني جو چيف جسٽس ڪيترائي ڀيرا هتي آيو، جيڪو ڪجهه ٿيو اهو قوم جي سامهون آهي، اسپتال ۾ هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي پر اسپتال کي برباد ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته عمران خان کي پنهنجي سياسي مخالفن کي ڀت سان لڳائڻ ۽ انهن کي جيلن ۽ نيب جي عقوبت خانن ۾ وجهڻ جي هدايتن کان فرصت نه هئي. ڪاش وٽس ڏکويل انسانيت جي زخمن تي مرهم لڳائڻ جو وقت هجي ها ۽ هو پاڻ هتي اچي ها، منهنجو گذريل هڪ مهيني ۾ هن اسپتال جو هي ٽيون دورو آهي. عمران خان وٽ ڪنهن اسپتال، پاڻي، سيوريج جي منصوبي ۽ عوامي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وقت نه هو. وزيراعظم چيو ته عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن جو واعدو ڪيو هو پر سياسي انتقام، گارگند ۽ الزام بازي کانسواءِ وٽس ڪجهه نه هو. ڪا سرهه نه لڳائي وئي، ان جي دور ۾ ڪيترائي لک ماڻهو بيروزگار ٿي ويا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر هڪ مثال آهي ته سڄي دنيا مان ناليوارا سرجن، فزيشنز ۽ ماهر پنهنجي ڀائرن ۽ هم وطنن جي خدمت لاءِ هتي آيا هئا، اهي انهي رويي جي ڪري واپس هليا ويا ڇو ته عمران نيازي کي سواءِ گارگند ۽ ڪردارڪشيءَ کانسواءِ وقت نه هو. وزيراعظم چيو ته عمران خان پنهنجي پيارن کي کنڊ برآمد ڪري ۽ ونڊ فال منافعو ڪمائڻ جا موقعا ڏنا، جن جي ٻيهر درآمد تي اربين رپين جو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيو، ان صورتحال سان کنڊ 52 رپيا ڪلو مان 100 رپين تي هلي وئي. وزيراعظم چيو ته الله جو شڪر آهي ته رمضان ۾ شهرين کي سستو اٽو ۽ کنڊ دستياب رهي، هن وقت پوري پنجاب ۾ 490 رپيا اٽي جو ٿيلهو ملي رهيو آهي، ان تي حڪومت اربين رپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، ڪير مون کي ٻڌائي ته جيڪو شخص نئون پاڪستان، نئين اميد ۽ صاف شفاف چلي جي ڳالهه ڪندو هو ان جو ڪو هڪ ڪم اهڙو هجي جنهن ۾ پاڪستان جي غريب عوام جي لاءِ ڪا سبسڊي هجي، ان جي دور ۾ غريب ماڻهو رلي ويا هئا، انهن تي زندگي تنگ ٿي وئي، عمران خان وٽ اهڙي طرح جي ڪا هڪ اسپتال ٺاهڻ جي فرصت نه هئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر تي ٽي سال ضايع ڪري ڇڏيا، ان جي نتيجي ۾ سوين مريض الله کي پيارا ٿي ويا، عمران خان پٿر دل ۽ سنگدل آهي ۽ ان جي ڪري مريض ساڍا ٽي سالن ۾ علاج کان محروم رهيا. ان کان وڌيڪ زيادتي هن قوم سان نه ٿي ٿي سگهي، الله تعاليٰ ۽ قوم جي عدالت ۾ عمران خان کان ان جو پڇاڻو ٿيندو، ماڻهن جو هٿ هوندو ۽ عمران خان جو گريبان هوندو. وزيراعظم چيو ته عمران خان ساڍا ٽي سالن ۾ اخلاقيات ۽ معاشري کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، گارگند ۽ الزام بازي سان قوم جا ڪنڌ شرم سان جهڪي ويا آهن. ڪو ذي شعور انسان اهڙي قسم جا لفظ استعمال نه ٿو ڪري جيڪي عمران خان ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته عمران خان ڏينهن رات نيب جي سر تي سوار رهيو، جڏهن ٻيو ڀيرو آئون نيب جي عقوبيت خاني مان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ٿيس ته عمران خان هدايت ڪئي ته مون کي زمين تي سمهاريو وڃي، پيشي جي لاءِ بڪتربند گاڏي استعمال ٿيندي رهي ڇو ته مون کي چيلهه ۾ تڪليف هئي. وزيراعظم چيو ته عمران خان مان قوم جي خدمت جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي، هو ملڪ ۾ سول وار ڪرڻ چاهي ٿو، اها سندس ڀُل آهي، قوم کيس ان جي اجازت نه ڏيندي ڇو ته هي ملڪ لکين ماڻهن جي قربانين سان وجود ۾ آيو. هي ملڪ قائم دائم رهندو. وزيراعظم چيو ته جمهوريت هوندي ته ملڪ مضبوط ٿيندو ۽ اڳتي وڌندو. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته چارٽر آف اڪانومي جي آڇ سڀ کان اڳ مون ڏني هئي، جنهن کي حقارت سان ٺڪرايو ويو. هن چيو ته عمران خان جي گارگند سان معاشري ۾ زهر گهولجي رهيو آهي جنهن جو ملڪ ۽ قوم تي منفي اثر پئجي رهيو آهي، هن ملڪ کي تباهي جي رستي تي وڌو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں