سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ مملڪتي وزير جو حلف کڻي ورتو

image
APP12-280422 ISLAMABAD: April 28 - President Dr. Arif Alvi administering the oath to Senator Musadik Malik as the Minister Of State, at Aiwan-E-Sadr. APP

اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ مملڪتي وزير جو حلف کڻي ورتو. ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کائنس حلف ورتو، ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جا ميمبر ۽ اعليٰ سياسي عملدار به موجود هئا. سينيٽر مصدق ملڪ ڪابينا جي جوڙجڪ جي چوٿين مرحلي ۾ ان عهدي جو حلف کنيو، ان کان اڳ 19 اپريل، 22 اپريل ۽ 27 اپريل تي حلف برداري جون تقريبون ٿيون هيون، نئين وفاقي ڪابينا پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاڪستان پيپلزپارٽي سميت ٻين پارٽين تي ٻڌل آهي

مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں