نواز شريف ملڪ مان بدترين لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو: وزيراعظم شهباز شريف

image

اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي پنج سالا حڪومتي دور ۾ ملڪ مان بدترين لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت نه ته وقت سر ٻارڻ خريد ڪيو ۽ نه ئي پاور پلانٽس جي مرمت ڪرائي، موجوده لوڊشيڊنگ انهي ڪري ئي آهي. ناڪاره پاور پلانٽس جي ذريعي مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ سان عوام تي ماهوار 100 ارب روپين جو بار پئجي رهيو آهي. اسان ان صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں