وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ملاقات

image
APP03-230422 QUETTA: April 23 - Chief Minister Balochistan Abdul Quddus Bizenjo calls on Prime Minister Shehbaz Sharif. APP

ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي هڪ ڏينهن جي ڪوئيٽا جي دوري جي موقعي تي ۾ وڏي وزير وزيراعظم کي صوبي ۾ انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وڏي وزير وزيراعظم کي بلوچستان ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ ضرورت جي شين جي مقرر ڪيل اگهن تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں