قومي سلامتي ڪميٽي ۾ اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته ڪا سازش ناهي ٿي، عمران خان سازش جي ڪوڙي پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي ۾ اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته ڪا سازش ناهي ٿي، عمران خان سازش جي ڪوڙي پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، اتحادين جي ڇڏي وڃڻ کانپوءِ عمران خان کي سازش نظر اچڻ لڳي آهي، عمران خان جي فلاسافي آهي ته ڪوڙ ايترو ڳالهايو جو اهو سچ لڳڻ لڳي، عمران خان عوام کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪري، هن چار سال تائين عوام کي ڦريو ۽ معيشت تباهه ڪئي، اليڪشن ڪميشن مان فارن فنڊنگ جو فيصلو اچڻ وارو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن کان استعيفيٰ جو بي بنياد مطالبو ڪري رهيو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان پاڪستان جي عوام کي چار سالن تائين ڦريو، معيشت تباهه ڪئي، ڪوڙ ڳالهايو، عوام کان ماني ڳڀو کسيو، روزگار کسيو ۽ پوءِ چئي رهيو آهي ته ان جي خلاف سازش ٿي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سازش ٿي هئي ته ان جي اسپيڪر اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ جي اجازت ڇو ڏني؟ جيستائين عمران خان کي خبر هئي ته اتحادي ان سان گڏ آهن، ان وقت تائين ڪا آمريڪي سازش نه هئي، عمران خان کي جڏهن خبر پئي ته اتحادي ۽ سندس پنهنجا ماڻهو ڇڏي وڃي رهيا آهن ته هن ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو ته ان جي خلاف سازش ٿي رهي آهي. هن چيو ته 7 مارچ تي ايمبيسڊر جي ميٽنگ ٿئي ٿي، 8 مارچ تي ٽيلي گرام اچي ٿو ۽ ان کانپوءِ کيس 27 مارچ تي ياد اچي ٿو ته اسان کي ڌمڪي ڏني پئي وڃي ۽ پاڪستان جي خلاف سازش ٿي رهي آهي. هن چيو ته عمران خان 8 مارچ کان 27 مارچ تائين ڪنهن کي سائفر بابت نه ٻڌايو، ان سائفر ۾ ايمبيسيڊر اها ڳالهه لکي آهي ته ڊي مارش ڪرڻ گهرجي، عمران خان اهو به نه ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ اتحادي جڏهن کيس ڇڏي هلي ويا ته ان وقت کيس ياد آيو ته 27 مارچ تي اسلام آباد جلسي ۾ ڪاغذ لهرايو وڃي. 8 مارچ کان 27 مارچ تائين جيڪو شخص توهان کي ڌمڪي ڏئي رهيو هو ان کي 16 مارچ تي عمران خان هڪ تقريب ۾ وومين ڊي تي اهم مقرر طور گهرايو. جڏهن هڪ شخص توهان جي خلاف سازش ڪري رهيو آهي ته پوءِ ان کي ڇو گهرايو ويو؟ هن ٻڌايو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ جنهن ايمبيسيڊر اهو سائفر لکيو، هن اها ڳالهه چئي ته ان ۾ ڪنهن به قسم جي سازش جو اشارو نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جڏهن اقتدار ۾ آيو هو ته هن چيو هو ته مودي اليڪشن کٽي ويندو ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويندو، ته ڇا توهان جو اهو بيان ڀارت جي چونڊن ۾ مداخلت هئي؟ ڇا توهان مودي جي حڪومت کي بچائڻ جي لاءِ ان جا ڪمپين مئنيجر بڻيل هئا؟ هن چيو ته عمران خان مودي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڪشمير فروشي ڪئي ۽ ڪشمير ان جي حوالي ڪيو، ان مطلب آهي ته ان مداخلت ۽ سازش ۾ عمران خان مليل هو. هن چيو ته عمران خان اڄ اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ ان لاءِ گهري رهيو آهي ته اليڪشن ڪميسن کي 30 ڏينهن ۾ فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس کي 8 سال گذري ويا، هن غيرملڪين کان جيڪي پئسا ورتا ڊڪليئر نه ڪيا، پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن ۾ اڪائونٽس ڊڪليئر نه ڪيا، نيشنل ڊيزاسٽر تي پاڪستان کان پئسا وصول ڪيا جيڪي ڊڪليئر نه ڪيا، اهڙي طرح شوڪت خانم اسپتال جي لاءِ فنڊ مليا جيڪي هن پارٽي جي لاءِ استعمال ڪيا. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڄ اليڪشن چاهي ٿي، اها ٻاهرئين سازش ۽ اليڪشن توهان کي اڄ ڇو ياد اچي رهيا آهن، جڏهن توهان حڪومت ۾ هئا، ان وقت ڇو نه اليڪشن جو چيو و ته ان وقت انهن جو خيال هو ته (ق) ليگ ۽ ٻيا اتحادي انهن کي ڇڏي نه ويندا. هن چيو ته اهو تماشو، غنڊه گردي، ڌمڪيون ۽ ڪوڙ بند ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي نواز شريف جي ان بيانيي جي فتح آهي ته ووٽ جي ذريعي پاڪستان جي چونڊيل نمائندي کي اچڻ ۽ وڃڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان بيت المال کي به نه ڇڏيو، ان تي به ڌاڙو هنيو، 20 سيڪڙو تي مُنڊي، ڪفلنگ ۽ گهڙي خريد ڪري ٻاهر مارڪيٽ ۾ مهانگن اگهن تي وڪرو ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي قسمت ۾ ڌرڻو آهي، جيڪڏهن انهن کي عوام کي ترقي ڏيڻ جي نيت هجي ها ته اها ڌرڻي جي ڪال نه ڏيڻي پوي ها. پاڪستان جي عوام انهن کي نالائقي ۽ ڪوڙن جي ڪري رد ڪري چڪي اهي. هن چيو ته اسلام تي ليڪچر عمران نيازي جهڙي شخص کي زيب نه ٿو ڏي، هي جيڪڏهن ٻين بابت غلاظت ڳالهائيندو ته گند ۽ ڪيچر سندس منهن تي به ويندو. هن چيو ته عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪريون، 50 لک گهر ۽ آءِ ايم ايف نه ويندس، جهڙا ڪوڙ ڳالهايا. هن چيو ته گذريل چار سالن ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو غربت جو شڪار ٿيا، ساڍا 5 سئو ارب رپين جي کنڊ چوري ٿي، ساڍا 6 سئو ارب رپين جون دئاون چوري ٿيون، عمران خان دوائن ۽ ڪوويڊ فنڊ ۾ به ڌاڙو هنيو. هن چيو ته نيسنل سيڪيورٽي ڪميتي جي پڌرنامي کانپوءِ عمران خان جي سازش جو بيانيو ختم ٿي چڪو آهي. عمران خان کان سوال پڇيو ويندو ته اٽي ۽ کنڊ جي سمري تي هن صحيحون ڪيون هيون جنهن جي ڪري غريب مائرون ڀينرون هڪ ڪلو کنڊ جي لاءِ لائينن ۾ بيهنديون هيون ۽ آڱوٺي جي نشان ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي فراهم ڪرڻ کانپوءِ کنڊ وٺنديون هيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي فارن فنڊنگ جو جواب ڏيڻو پوندو، اهي الزام اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ٿيندڙ اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ ۾ لکيل آهن. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ واچ لسٽ، اسٽاپ لسٽ ۽ اي سي ايل کي بدبودار احتساب جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، هڪ اسٽاپ لسٽ، وزيراعظم هائوس ۽ هڪ واچ لسٽ ايسيٽ ريڪوري يونٽ شهزاد اڪبر جي سربراهي ۾ ۽ هڪ اي سي ايل جي پارليامينٽري ڪميٽي ۾ ٺهي. هن چيو ته اي سي ايل ۾ انهن سمورن ماڻهن جا نالا ايندا جيڪي پنجاب ۾ مقرريون به پئسن سان ورهائيندا رهيا، پنجاب ۾ ڪميشن کائيندڙن جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويندو. هن چيو ته عمران خان کي خبر آهي ته پاڪستان جي عوام کي انهن کي ووٽ ناهي ڏيڻو، جيڪڏهن انهن کي اها ڳالهه خبر نه هجي ها ته هي سازش جو بيانيو نه ٺاهين ها پر پنهنجي ڪارڪردگي عوام آڏو رکن ها. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جا سمورا بيانيا ناڪام ٿي ويا آهن، ڪرپشن جو بيانيو به عدالتن ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، عمران خان اسٽيٽ بئنڪ کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ به ڪوڙ ڳالهايو. هڪ سوال تي هن چيو ته آءِ ايم ايف جي حوالي سان قانونسازي بابت خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي. هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي پريس ريليز ڏئي چڪي آهي ته سازش ناهي ٿي، اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته ڪي ثبوت يا شاهديون نه آهن ته ان ڳالهه جو تاثر ملي ته سازش ٿي آهي. هن چيو ته عمران خان تماشو لڳائڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ مهارت رکي ٿو، پاڪستان جي عوام هاڻي سندس ڳالهين ۾ نه ايندي. هڪ سوال تي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف عمران خان جي سيڪيورٽي جي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جتي جتي به سندس جلسا ٿيندا عمران خان کي سيڪيورٽي ڏني ويندي. هن چيو ته عمران خان جي نوٽنڪي ڏسڻ ته ماڻهو اچي سگهن ٿا پر ان تي يقين نه ٿا ڪري سگهن. مريم اورنگزيب چيو ته عمرانخ ان کي پاڪستان جي آئين جي گهرجن کي مڃڻو پوندو، اڄ عوام جنهن مشڪل جو شڪار اهي ان جو ذميوار عمران خان آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جيڪي الزام هنيا اهي ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، عدالتن ۾ جڏهن اهي ڪيسز کليا ته انهن ۾ جيڪي الزام هنيا ويا هئا اڄ انهن سمورن الزامن ۾ ڏوهاري ۽ جوابدار عمران خان پاڻ آهي. عمران خان مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ۽ اختيان جو ناجائز استعمال ڪيو.

مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں