وزيراعظم سان ر ڄام ڪمال خان ۽ خالد حسين مگسي جي قيادت ۾ پارٽي وفد جي مُلاقات

image

اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي جي صدر ڄام ڪمال خان ۽ قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ خالد حسين مگسي جي قيادت ۾ پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد وزيراعظم پاران بلوچستان جي ترقي کي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي آجيان ڪئي. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ وفاقي وزير سردار اسرار ترين، سينيٽر انوارالحق، سينيٽر سرفراز احمد بگٽي، سينيٽر ثمينه ممتاز، قومي اسيمبلي ميمبر احسان الله ريڪي، روبينه عرفان ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر بلاول آفريدي پڻ شامل هئا.

مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن
متعلقہ مضامین
مزید خبریں