پارليامينٽ پاڪستان جي اصل چهري کي اجاگر ڪيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP41-08 ISLAMABAD: January 08 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan talking to media along with Leader of the House in Senate, Syed Shibli Faraz & Senator Faisal Javed. APP

اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ پاڪستان جي اصل چهري کي اجاگر ڪيو آهي، ملڪ جي مفاد ۾ سمورين سياسي پارٽين قومي مفاد کي اهميت ڏني، پارليامينٽ ۽ ميڊيا مبارڪباد جا مسحق آهن، اڄ جمهوري عمل مڪمل ٿيو آهي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ جي مسئلن جو حل پارليامينٽ آهي، قانونسازي جو عمل اتفاق راءِ سان مڪمل ٿيو آهي، سمورين سياسي پارٽين يڪجهتي جو مظاهرو ڪري قانون کي منظور ڪيو، دفاع ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورن ميمبرن کي وقت تي اطلاع ڏنو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز ۽ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.

مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن