حڪومت زرعي شعبي تي ٻوڏ جي تباهه ڪُن اثرن ۽ مشڪلاتن کي دُور ڪرڻ لاءِ 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو هاري پيڪيج ڏنو آهي: اسحاق ڊار

image

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي)موجوده حڪومت زرعي شعبي تي ٻوڏ جي تباهه ڪُن اثرن ۽ مشڪلاتن کي دُور ڪرڻ لاءِ 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو هاري پيڪيج ڏنو آهي. ناڻي واري وزير بجيٽ تقرير کي خطاب ڪندي چيو ته مونکي خوشي آهي ته ان پيڪيج جا معيشت تي مثبت اثر آيا آهن. ٻوڏ جي تباهه ڪارين باوجود زرعي شعبي ۾ 1.5 سيڪڙو جي گروٿ ٿي آهي. ڪڻڪ جو بمپر ڪراپ فصل ٿيڻ سبب 28 ملين ٽن کان وڌيڪ پيداوار ٿي ۽ هاري جي آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته اسان جي ٻهراڙي جي معيشت ۾ 1500 کان 2 هزار ارب رپيا اضافي منتقل ٿيو. ان سان ملڪ جي مجموعي معيشت تي مثبت اثر پوندا. بجيٽ 24-2023ع ذريعي حڪومت زرعي شعبي لاءِ رعايتن کي جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿي. جنهن جا تفصيل اڳتي هلي پيش ڪيا ويندا. اميد آهي ته هي قدم ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران ٻوڏ کان متاثر علائقا ملڪي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهيا. حڪومت انهن علائقن ۾ بحاليءَ جو ڪم مڪمل ڪيو آهي. نئين سر تعمير لاءِ حڪومت 578 ارب رپين جي منصوبن تي ڪم شروع ڪيو آهي ۽ انشاءَ الله ايندڙ مالي کان اهي علائقا معيشت ۾ ٻيهر پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندا.

مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک
متعلقہ مضامین
مزید خبریں